عشق جو آواز ڪتاب

عشق جو آواز (ڪتاب): هيءُ ڪتاب اردو ٻوليءَ جي نامور ليکڪا جميله هاشميءَ جي ناول ‘دشت سوس’ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي، جيڪو لطيف اياز پنهور، ‘عشق جو آواز’ جي نالي سان ڪيو آهي. جميله هاشميءَ جو چوڻ آهي ته هيءُ ناول ڄڻ منهنجو هٿ وٺي لکايو ويو هجي، مون ان کي ڇهن مهينن جي مختصر وقت ۾ پورو ڪري ورتو. منصور الحلاج جي زندگي، خيالن ۽ شهادت تي لکيل هي ناول ٻين تاريخي ناولن کان منفرد آهي. ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نامياري دانشور محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. 415 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو ڪتاب سنڌ دوست پبليشر ڪراچيءَ پاران 2006ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو